ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل موني راءِ، سوشل ميڊيا تي کيس ”جنڙي“ ۽ ”نانگڻ“ ڪوٺڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. موني راءِ، ڀارتي ٽي وي ۽ فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي جاندار فينٽسي ڪردارن ذريعي مقبوليت ماڻي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي اڪثر کيس ”نانگڻ “ ۽ ”جنڙي“ جهڙن لقبن سان سڏيو ويندو آهي. تازو پنهنجي ايندڙ فلم ”ڀوتني“ جي پروموشن دوران هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي موني راءِ چيو ته ”جڏهن توهان ڪو تاريخي يا فينٽسي ڪردار ادا ڪندا آهيو ته پهرين پاڻ کي ان ڪردار تي يقين ناهي ايندو، اوهان ڏسندڙن کي قائل نٿا ڪري سگهو نه ئي ڪنهن کي بيوقوف بڻائي سگهو ٿا.“ هن وڌيڪ چيو ته ”جيڪڏهن اوهان ان ڪردار جي دنيا تي يقين ڪندئو ۽ ايمانداريءَ سان پردي تي پيش ڪندئو ته ماڻهو اوهان سان جُڙي ويندا.“ موني راءِ واضح ڪيو ته کيس اهڙن نالن يا لقبن سبب ڪابه تڪليف نه پر خوشي ٿيندي آهي ته کيس پنهنجي ڪردارن جي ڪري ياد ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته موني راءِ 2006ع ۾ مشهور ڊرامي ”ڪيون ڪي ساس بهي ڪبهي بهو هئي“ کان اداڪاري جي شروعات ڪئي، جنهن کانپوءِ ”ناگن“، ”ديوتا“، ”ديو مهاديو“ سميت ڪيترن ئي سيريزن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. فلم ”ڀوتني“ ۾ هوءَ هڪ جنڙيءَ جو ڪردار نڀائي رهي آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ سنجي دت، سني سنگهه، پلڪ تيواري ۽ آصف خان شامل آهن.