مدئجي(رپورٽ: سڪندر بروهي) پنهور – بروهي خوني تڪرار جو نبيرو/ مجموعي طور 3 ڪروڙ 12 لک ڏنڊ مقرر، 13سالن کان جاري 10 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ پنهور-بروهي خوني تڪرار جو نبيرو ڪماريا ھائوس مدئجي ۾ نجف علي ڪماريو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، ڳوٺ پنهور پليجا واسي پنهور ڌر جي عبدالخالق پنهور ۽ ڳوٺ محمد عيدن بروهي جي رهواسي بروهي ڌر جي در محمد بروهي وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو،فيصلي ۾ پنهور ڌر طرفان سردار مير چنگيز خان پنهور،محمد سليم ابڙو، مير فهد خان پنهور، مير ڪفايت علي شاهه مشواڻي مشير مقرر ۽ بروهي ڌر پاران رحيم بخش بروهي، محمد امين مينگل،گلشير بروهي،حاجي غوث بخش بروھي ۽ ٻيا مشير طور شامل نبيري دوران بروهي برادري پاران در محمد بروهي، محمد عيدن بروهي جڏهن ته پنهور ڌر پاران عبدالخالق پنهور ۽ گوهر پنهور بيان ڪيو .بيان ٻڌڻ بعد فيصلي جي آمين ۽ مشيرن پاران بند ڪمري ۾ ويهي فتوي’ ٺاهي، نبيري دوران بروهي ڌر مٿان پنهورن جا 2 قتل ۽ هڪ عورت قتل۽ 4 زخمي ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور هڪ ڪروڙ 51 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، پنهور ڌر مٿان بروهين جا 6 قتل ۽ 2 زخمي ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور هڪ ڪروڙ 61 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،قتل ٿيل پنهور برادري جي سردار خان پنهور جي قتل 35 لک هڪ عورت جي قتل جا 50 لک عابد پنهور جي قتل جا 25 لک خون بها مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين جا مجموعي طور 33 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، بروهي برادري جي پورھيت رسول بخش بروهي جي قتل جا 30 لک، منظور،ابراهيم، رياض،سعيد ۽ محمد شريف بروهي جي قتل جي بها 25 25 لک ۽ ٻن زخمين جو 6 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو،فتوا بعد پنھور ڌر پاران 10لک ۽ بروھي برادري پاران الک رپيا امين وٽ جمع ڪرايا ۽ جهيڙي جو سبب بڻيل زمين بابت فيصلي جو امين ۽ مشير زمين تي پهچي پاڪ ڪتاب تي فتوي’ ڏني ويندي ،فيصلي بعد دعا خير گهرڻ بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي خير کنڊ ڪيو ويو.
جھيڙيندڙ پنهور -بروهي ڌرين کي الڳ الڳ پوليس پروٽوڪول ۾ آندو ويو
مدئجي: جھيڙيندڙ پنهور -بروهي ڌرين کي الڳ الڳ پوليس پروٽوڪول ۾ ڪماريا ھائوس مدئجي تي پھچايو ويو، جتي فيصلو ڪيو ويو.