مدئجي (ن پ ا) ڪلهوڙا- جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويلن جي جنازي نماز 20 ڪلاڪن بعد ادا ڪئي وئي، ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا – جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 4 ڄڻن اعتبار ڪلهوڙو،رياض،معشوق ۽ زھرو ڪلهوڙو کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ،هوڏانهن ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، ياد رهي ته جوڻيجا – ڪهلوڙا خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين 40 کان مٿي ماڻھو مارجي چڪا آھن. ان حوالي سان ايس ايچ او مدئجي طالب ميمڻ ٻڌايو ته جاچ ڪئي پئي وڃي.