مدئجي(ن پ ا) مديجي ويجھو پنهور- بروهي تڪرار جي خاتمي لاءِ ميڙ منٿ اچڻ تي ڌريون ٺاھ لاءِ راضي ٿي ويون، درگاهه امروٽ شريف جي گادي نشين سيد سراج احمد شاھ امروٽي، نجف علي ڪماريو، عبدالقادر شاھ جيلاني امروٽي، سيد رشدﷲ شاھ جيلاني امروٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنھور- بروهي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ بروهي برادريءَ وٽ ميڙمنٿ قافلو پھتو، بروهي برادري جي اڳواڻ عيد محمد بروهي ۽ درمحمد بروهي طرفان آيل ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلو ڪرڻ تي راضي ٿي ويا، ٻئي طرف پنهور ڌر جي اڳواڻن عبدالخالق پنهور ۽ ٻين جي تڏي تي به ساڳيا ئي چڱا مڙس پهتا جتي هن به ٺاھ لاءِ راضپو ڏيکاريندي فائر بندي ۽ فيصلي جي لاءِ راضپو ڏيکاريو.ڌرين جي فيصلي تي مطمئن ٿيڻ تي نجف ڪماريو کي امين مقرر ڪيو ويو،ٻنهي ڌرين جو فيصلو ايندڙ 19 تاريخ تي مديجي ۾ ڪماريا هائوس تي ٿيندو.ياد رهي ته تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا عورت سميت 10 ماڻهو قتل ٿيل آهن.