مدئجي(ن پ ا) مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، ان حوالي سان پنهور برادري جي چڱي مڙس عبدالخالق پنهور موجب بروهي ڌر سان جهيڙو هلندڙ آهي، زرعي زمين تي ڪڻڪ جي لاڀاري تان فائرنگ ٿي آهي، بروهي برادري جي ماڻهن اسان جا 3 ڄڻا ضمير پٽ غفار، مدثر پٽ حاجي احمد ۽ نصرالله پٽ رڪن دين کي کنڀي 12 ڍور به ڪاهي ويا آهن، ھوڏانھن 2 ڪلاڪن بعد برادري جا پي پٽ بااثرن جي معرفت حڪيم بروھي ۽ سجاد بروھي کي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس آزاد ڪرايل پيءُ پٽ بروھي برادري حوالي ڪيا ويا،هوڏانهن درمحمد بروھي موجب اسان جا 2 ڄڻا حڪيم بروهي ۽ سندس جو پٽ سجاد بروهي پورهيو ڪرڻ وڃي رهيا آهن جيڪي هن وقت پنھورن کنڀي کڻي ويا ھيا، 2 ڪلاڪن کان بعد پوليس واپس ڪرائي ڏنا آهن،يس ايچ او شاھنواز شيخ موجب اغوا ٿيل پنھور برادري جا نوجوان واپس ڪري وارثن حوالي ڪيا آھن، باقي ڪڻڪ جي لاڀاري تان ڌرين ۾ فائرنگ ٿي آهي.