مدئجي(رپورٽ: سڪندر راهوجو) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا- ڪلھوڙا تڪرا ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ان ڏس ۾ مدئجي جھٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڪلهوڙا- جوڻيجا پراڻي تڪرار تان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ سبب 4 ڄڻا اتو عرف ا اعتبار ڪلهوڙو، رياض، زھرو ڪلهوڙو ۽ معشوق ڪلھوڙو قتل ٿي ويا، قتل ٿي ويا، ڪچي وارو علائقو هجڻ سبب پوليس جاءِ واردات تي نه پهچي سگهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مارجي ويلن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، جڏھن ته ٻنهي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو ڪافي دير تائين هلندو رهيو، ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ هو ته ڪلهوڙا ڌر جا ماڻهو درياءَ پار شادي جي ڪاڄ تان واپسي اچي رهيا هئا ته تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.
زمين جي تڪرار تان ڌرين جا 30 ڄڻا قتل ٿي چڪا !
مدئجي: زمين جي تڪرار تان 10 سال اڳ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو، جھيڙي ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 30 کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد قتل ٿي چڪا آهن.
تڪرار ۾ 30 ڄڻا مارجي وڃڻ باوجود پوليس جوابدار نه پڪڙي سگهي
مدئجي: 30 قتلن بعد ٻنھي ڌرين جي مٿان ڪچي جي ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ميڙ منٿ قافلا به ويا پر ٺاهه نه ٿيو
مدئجي: ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار جي نبيري جي لاءِ علائقي جي چڱن مڙسن طرفان ڪيترائي ڀيرا ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا به موڪليا ويا پر نبيرو نه ٿي سگهيو.
مارجي ويلن جا لاش بااثرن معرفت وصول ڪري اسپتال آندا ويندا آهن: ذريعا
مدئجي: شڪارپور پوليس ڪيسن ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي، جھيڙي دوران بااثرن معرفت لاش وصول ڪري اسپتال منتقل ڪيا ويندا آهن، پوليس رڳو ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي آهي.