مدئجي (ن پ ا ) مدئجي ڀرسان تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي مراد شيخ ۾25 ڏينهن اڳ مهر ۽ شيخ برادري جي جهيڙي ۾ زخمي ٿيل لعل بخش شيخ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارث عورتن شازيه شيخ، مسمات زينت بيگم، مسمات ڪلثوم مدئجي پريس ڪلب آڏو لاش رکي احتجاج ڪندي چيو ته احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي فوتي جي وارث عورتن شازيه شيخ، مسمات زينت بيگم، مسمات ڪلثوم ۽ ٻين دانهيندي چيوته مهر برادري جي ماڻهن گهرن تي حملو ڪري لعل بخش شيخ کي زخمي ڪيو هو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿي ويو، تماچاڻي پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.