مدئجي(ن پ ا) مدئجي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني خلاف مدئجي بچايو تحريڪ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي مذهبي واپاري تنظيمن توڙي سول سوسائٽي پاران سيد انيس ڪاظمي، حافظ انعام ﷲ پنهور، رابيل سنڌي، مامو جمن ميربحر، راشد جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھ مست علي بخش کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،شهرين پاران ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ريلي ۾ شريڪ مظاھرين مختلف رستن علي وارث چوڪ،شاهي بازار، اسٽيشن روڊ،مين بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو روڊ تان گذرڻ بعد پريس پهتي، پوليس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ٽائيم نيوزسان ڳالهائيندي چيو ته مدئجي شهر ڏوهارين جي ور چڙهي ويو آهي ڌاڙا ڦريون ۽ چوريون روز جو معمول بڻيل آهن هتي سفر ڪندڙ مسافر غير محفوظ بڻيل آهن، انتظاميا ڪجھ به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ايس ايس پي شڪارپور ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪو به احتجاج ڪندو ان خلاف اي ٽي سي تحت ڪيس داخل ڪرائيندس، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي مدئجي ٿاڻي تي مقرر پوليس عملو هٽائي نئون عملو مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.