مدئجي (ن  پ ا )  ڳاهيجا ٿاڻي جي حد گهر پنهنجا ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ 40 ورهين جو بهارو پٽ ڪريم بخش جتوئي موقعي تي قتل ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ آهي، هٿياربندن مال چاريندڙ ڌنار کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. مقتول جي گهرواري گلزاران  جتوئي دانهيندي چيوته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حميد جتوئي، لاڏو جتوئي ۽ ٻين انڌاڌند فائرنگ ڪري منهنجي ڌنار مڙس بهارو جتوئي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي ظالمن کيس ناحق قتل ڪيو آهي.