مدئجي(ن پ ا) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ويهه ميل ٿاڻي جي حد فقير ڳوٺ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل سليمان جوڻيجو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو،الطاف جوڻيجو صحافين کي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ جوابدارن ڀاءُ کي زخمي ڪيو هو، جڏهن ته ان کان اڳ به هنن منهنجي ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو هو. سليمان جوڻيجو جو علاج هلندڙ هو، غربت سبب سندس جو بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو.، هنن وڌيڪ چيوته اسان جو جهيڙي سان ڪوبه واسطو ناهي. هوڏانهن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 15 کان مٿي ماڻهو قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.