مدئجي (ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ڳوٺ پنهور پليجا واسي حفيظ الله پنهور ۽ 10 ورهين جي علي گل پنهور مٿان ڌاڙيلن تشدد ڪري وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جوابدارن مغوين جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، ڀنگ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي وارثن کي مغوين جا لاش ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، ياد رهي ته 16 ڏينهن اڳ ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو هو پر شڪارپور پوليس مغوين جي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. مغوي جي وارثن موجب جديد ٽيڪنالاجي باوجود پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ڀنگ جي رقم ادا نه ڪري سگهنداسين، مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.