مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجھو گم ٿيل نوجوان جو ڪتن ڏاڙهيل لاش هٿ، ڳاهيجا ٿاڻي جي حد گھر پنهنجا واسي 25 ورهين جي بشير ولد راهب عطراڻي جو لاش هٿ ڪيو ويو، وارثن طرفان نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  نوجوان جي وارث سئوٽ محمد نواز عطراڻي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان جو ذهني توازن درست نه هيو، جيڪو رات گهران نڪري ويو هو، صبح سوير اطلاع مليو ته نوجوان جو لاش ڪتن ڏاڙهيو آهي، جنهن کان پوءِ اسان واقعي واري هنڌ وڃي پوليس جي مدد سان لاش مدئجي اسپتال آندو آهي، ٻي طرف پوليس موجب ڪتن ڏاڙهيل لاش پيل هو، جيڪوکڻائي اسپتال منتقل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.