مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين جبار جتوئي ۽ حڪيم جتوئي وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ حڪيم جتوئي ڌر جي ھڪ عورت مسمات شهبانو زال گل حسن جتوئي مارجي وئي،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جھيڙي دوران ٻئي ڌر جي عورت مسمات بهاول خاتون زخمي ٿي پئي،ان حوالي سان مارجي ويل عورت جي وارث امڙ گل خاتون موجب ڪڻڪ جي لاڀاري دوران ٻئي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جي عورت مسمات شهبانو قتل ٿي آهي،ياد رهي ته ساڳئي جهيڙي ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.ٻي طرف وڏي منشي عاشق ڪيھر جو چوڻ هو ته ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.