مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳاھيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڊ ۾ تڙت جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪئي وئي آھي، فائرنگ جي نتيجي ۾گولي لڳڻ سبب ھڪ عورت لطيفان خاتون تڙت جتوئي زخمي ٿي پئي آھي، اطلاع ملڻ بعد ڳاهيجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت لطيفان خاتون تڙت جتوئي کي نازڪ حالت ۾ مدئجي اسپتال کڻائي پهتي آھي، اسپتال اندر ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري زخمي عورت تڙپندي رهي، جنهن بعد سندس عورت کي وڌيڪ نازڪ حالت هجڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو آھي. رابطو ڪرڻ تي ڳاهيجا پوليس ٻڌايو ته ماڻڪ جي وانڊ ۾ تڙت جتوئي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ٿي آھي. فائرنگ ۾ عورت زخمي ٿي آھي، وڌيڪ نفري گهرائي سندن مٿان ڪارروائي ڪئي ويندي.