مدئجي ويجھو پئسن جي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جھيڙو، انعام يافته جوابدار سميت 2 ڄڻا قتل

0
19
مدئجي ويجھو پئسن جي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جھيڙو، انعام يافته جوابدار سميت 2 ڄڻا قتل
مدئجي ويجھو پئسن جي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جھيڙو، انعام يافته جوابدار سميت 2 ڄڻا قتل

مدئجي(ن پ ا)  مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ ۾ جتوئي برادري جي ٻن سئوٽن ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾  اربيلو پٽ سرور جتوئي ۽ حڪيم پٽ وڌايو جتوئي قتل ٿي ويا، مقتولن جا لاش ڪيترائي ڪلاڪ، واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش الڳ الڳ موبائلن ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، ڊي ايس پي مدئجي  جاويد اقبال شيخ جو چوڻ هو ته قتل ٿي ويل حڪيم جتوئي تي 50 لک انعام رکيل آھي،ٻئي  طرف قتل ٿي ويل اربيلو جي ڀينرن زاھدا خاتون، مسمات بختاور دانهيندي چيو ته اسان جي ڀاءُ  اربيلو جا حڪيم  ڏي ڪجھه سالن کان پئسا هئا، پئسن جي لاءِ ويو ته ڀاءُ کي   سئوٽ حڪيم گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ پاڻ به مارجي ويو، حڪيم ڪرمنل آھي ھن تي 50 لک انعام رکيل آھي.