مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي ڳوٺ ماڻڪ جي وانڍ جي رهواسي تڙت برادري جي ٻن ڌرين جبار تڙت جتوئي ۽ حڪيم تڙت جتوئي جي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن هٿان 3 عورتون مبينا طور اغوا، ان حوالي سان وارثن علي دوست، پهلوان جتوئي ۽ لطيف جتوئي الزام هڻندي چيو ته اسان جون عورتون توربند مان گهر جو سامان وٺي اچي رهيون هيون ته مخالف هٿياربندن حملو ڪيو، اسان جي ٽن عورتن مسمات ياسمين جتوئي، شبيران جتوئي ۽ مسمات نوران خاتون جتوئي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته عورتن کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او ڳاھيجا رحمت الا چاچڙ موجب جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو خوني تڪرار هلندڙ آهي جنهن تان جهيڙو ٿيو هو عورتن کي اغوا ناهي ڪيو ويو.