مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان بهمڻ پلاٽ تان اغوا ٿي ويل ٻيلي کاتي جو ملازم ولي محمد گهانگهرو ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود بازياب ٿي نه سگهيو،ڌاڙيلن مغوي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مغوي ملازم ولي محمد گهانگهرو ٻيلي کاتي جي آفيسرن توڙي وارثن کي بازيابي لاءِ رقم ڀرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، مغوي موجب مان شگر جو مريض آهيان ڏاڍي تڪليف ۾ مبتلا آهيان، خدا جي واسطي مون کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي. ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ بهمڻ پلاٽ جي بلاول نيچر پارڪ ۾ رات جو ڊيوٽي تي موجود ملازم ولي محمد گهانگهرو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا.