مدئجي(ن پ ا) مدئجي جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، دوائن توڙي سهولتن جي کوٽ خلاف مدئجي بچايو تحريڪ، سول سوسائٽي طرفان اسپتال جي مين گيٽ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي، مظاهرين انعام الله پنهور، باغي اظهر جوڻيجو، سمير ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تعلقي اسپتال سهولتن جي کوٽ جي ور چڙهيل آهي، اسپتال ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽر ويزا تي ويل آهن، اسپتال ۾ مقرر ٿيل 3 ليڊي ڊاڪٽر رشوت عيوض ڊيوٽي ڪرڻ کان قاصر آهن، جنهن ڪري مريض سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، رات جي وقت اسپتال مان ڊاڪٽر غائب چوڪيدار، پٽيوالا مريضن جو علاج ڪرڻ لڳا، مظاهرين صحت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت، کان مطالبو ڪندي چيو ته تعلقي اسپتال مدئجي جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪرائين، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ايم ايس ڊاڪٽر جئه پرڪاش موقف ڏيندي ٻڌايو ته ڪجھه ماڻهون مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، هنن ڊاڪٽرن جي ويزا بابت الزام هنيا آهن، اهي ڊاڪٽر ڪجهه ڊيپوڊيشن ۽ ڪجھه هنن جي آزار کان ٽرانسفر ڪرائي ويا آهن، مدئجي اسپتال ۾ دوائون کوڙ ساريون مريضن کي ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته ڊاڪٽر پڻ موجود آهن.