مدئجي: اي ٽي ايم مشينن جي هٿرادو لنڪ ڊائون، شهري پريشان

0
435

مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي نجي بئنڪن اي ٽي ايم مشينن جي هٿرادو لنڪ ڊائون ڪري ڇڏي، جنهن سبب شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، ان سلسلي ۾ ملازم عبدالجبار سهتو جو چوڻ آهي ته اسان لوڪل گورنمينٽ جا ملازم اڄ پهرين روزي جي موقعي تي خريداري ڪرڻ آياسين ته بئنڪ عملي هٿرادو اي ٽي ايم جي لنڪ ڊائون ڪري ڇڏي، بئنڪن جي موڪل هجڻ سان گڏوگڏ اي ٽي ايم پڻ بند ڪئي وئي آهي جيڪا 24 ڪلاڪ کليل هجڻ گهرجي پر مدئجي جي بئنڪ عملي لنڪ ڊائون ڪري اسان کي سخت پريشان ڪيو آهي.