مخلوق خدا جو مورت مارچ

0
42
مخلوق خدا جو مورت مارچ

سنڌ جيڪا صوفين جي سر زمين سڏجي ٿي اها رڳو لفاظي نه پر حقيقت ۾ هن ملڪ جي سمورن صوبن کان وڌيڪ سيڪيولر، انسان دوست ۽ ترقي پسند توڙي روشن خيال ماڻهو هن ڌرتي جي ڪک مان پئدا ٿيا آهن، يقينن ٻين صوبن ۾ به ڪجهه اهڙا ڪردار آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ انتها پسند، انتشار پکيڙيندڙ يا نفرتون پئدا ڪندڙ ڪي ماڻهو آهن، پر مان دعويٰ سان چوان ٿي ته منهنجي هن ڌرتي سنڌ جي اها ئي خوبصورتي آهي جو هتي جا اڪثر ماڻهو خدا جي مخلوق سان محبت ڪندڙ آهن، اهڙي ئي مخلوق اهي خواجا سراءِ آهن، جن کي سنڌ ۾ اڄ به “فقير” ڪوٺيو وڃي ٿو. اسان وٽ کدڙن فقيرن يا خواجا سرائن کي ماڻهو اڄ به کدڙو، خواجا سرا، خصرو ، ٽرانس جينڊر يا ڪجهه ٻيو چوڻ بدران “فقير ” ڪري ڪوٺيندا آهن، اسين جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي ڳوٺ سيتا ۾ اسان جي خاندان يا وري پاڙي ۾ ڪنهن جي گهر پٽ ڄمندو هو ته “فقيرن” جي هڪ ٽولي ۾ شامل چار پنج فقير اچي ويندا هئا ۽ نظير فقير جي قيادت ۾ عورتاڻي ويس ۽ ڀاري آواز سان تاڙيون وڄائيندي ڳوٺ ۾ توڙي گهرن ۾ داخل ٿيندڙ انهي ٽولي جا فقير  سهرا توڙي گيت ڳائي ڊانس ڪندا هئا ۽ پوءِ انهي ٻار جا والدين کين پئسا ڏيندا هئا، انهي دوران اڪثر ڪري اهي فقير انهن ماڻهن سان پنهنجائپ ۾ ايتري ته حجت ڪندا هئا جو جيستائين انهن کي پنهنجي مرضي جا پئسا يا ڪو سامان بطور ڏن نه ملندو هو ته اهي اتي ئي ڳائيندا ۽ پيا نچندا هئا،

جڏهن ته ڳوٺ جون ٻڍڙيون انتهائي احترام وچان انهن فقيرن جي گهر پوري ڪنديون هيون، کين ڪپڙا ۽ اجرڪون پڻ ڏينديون هيون، جنهن گهر ۾ نراڻو ٻار ڄمندو هو، انهي گهر جا ڀاتي توڙي پاڙي جون مايون يا مرد سڀئي ان ڪوشش ۾ هوندا هئا ته اهي فقير خوش ٿي وڃن، انهن کي ارهو ڪرڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿيندو هو. انهي کانپوءِ جڏهن هڪ ڀيرو مان لاڙڪاڻي مان پنهنجي چاچي سان گڏ اچي رهي هئس ته هن مونکي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جا سمورا فقير هن هوٽل تي ويٺا آهن، مون  به ڏٺو ته اهي هڪ هوٽل تي جٿي جي صورت ۾ويٺل هئا، بنا ڪنهن خوف ۽خفت جي پنهنجي دنيا جا اهي ماڻهو پنهنجي مستي۾ مگن رهندا هئا، تڏهن چيو ويندو هو ته تعليم گهٽ آهي، سهولتون اڻپوريون آهن،

مان سمجهان ٿي ته ان وقت لٽريسي ريشو ممڪن آهي ته گهٽ هجي به سهي، پر ان وقت شعور ۽اخلاقيات وڌيڪ هو، انسانيت ۽ احساس جي کوٽ ڪونه هئي. اڳتي وڌندڙ دور جديديت ۾ داخل ٿيو ۽ جديد تقاضائن تي پورو لهڻ جي ڊوڙ ۾ اسان کان گهڻو ڪجهه کسجي ويو، جتي رت جي رشتن ۾ انا، خود غرضي، مفاد پرستي ۽ موقعي پرستي وڌڻ لڳي، اتي انسانيت ۽ احساسيت جو به دم ٽٽي پيو، جنهن سبب شڪل صورت ۾ اسان سمورين عورتن توڙي مردن کان خوبصورت نظر ايندڙ اهي کدڙا فقير ماڻهن لاءِ مذاق مستي ۽ جنسي حوس جي پورائي جو سامان بڻجي ويا، جن کدڙن فقيرن جي دل آزاري کان اسين ڊڄندا هئاسين، انهن کي تشدد ۽ تذليل سان گڏ قتل ڪرڻ جا به واقعا رونما ٿيڻ لڳا ۽ هاڻي اهي جنسي اقليت رکندڙ کدڙا فقير اسان انسانن کان پنهنجي جان جو تحفظ پيا گهرن. پاڻ کي هر حوالي سان نارمل سمجهندڙ ۽ کدڙن فقيرن کي جنسي متڀيد جي بنيادن تي ايبنارمل سمجهي نه رڳو ڌڪارين پيا، پر سندن لاءِ سماج ۾ مشڪلاتون پڻ پئدا پيا ڪن، پر حقيقت ۾ اهي ئي ايبنارمل آهن، جيڪي خدا جي خلقيل انهي مخلوق لاءِ مسئلا پئدا پيا ڪن. هونئن ته عجيب الميو آهي جو جڏهن کدڙو فقير ڪنهن گهر ۾ جنم وٺندو آهي ته انهي گهر جا ڀاتي ۽ سندس رت جا رشتا ئي هن کان منهن  موڙي ڇڏين ٿا، نتيجي ۾ اهو لاوارث بڻجي ڪنهن مڙهي يا کدڙن فقيرن جي آستاني تي وڃي پناهه وٺندو آهي، لاوارثي واري زندگي ۾ گرو ۽ چيلن جي صحبت تحت جيون گذاريندڙ انهي جنس جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي خدا اضافي خوبيون پئدا ڪري ٿو، اهي ڳائڻ ۽ رقص ڪرڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن کي موهي ٿا وجهن. مون ٽي وي چئنلز تي ڏٺو ته ڪراچي جي فريئر هال ۾ کدڙن فقيرن جي هڪ وڏي انگ انساني همدردي رکندڙ مردن توڙي عورتن سان گڏجي “مورت مارچ” ڪيو، جنهن ۾ اهي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پلي ڪارڊ کڻي ، “ جاڳي جاڳي مورت جاڳي” جهڙا نعرا هڻي رهيا هئا،

 سوشل ميڊيا تي پڻ سندن تصويرون ۽ پوسٽون هلي رهيون هيون، مونکي اهو ڏسي انتهائي ڏک ٿيو ته اسين ڪهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي انسان انسانن کان رڳو جيئڻ جو حق پيو گهري، هڪ اهڙي جنس جنهن کي قدرت واري مرد يا عورت پئدا ناهي ڪيو، اهو هن سماج جي مردن کان ايڏو خوفزده آهي جو هو ڪنهن جي جنسي لذت جو سامان نٿو بڻجڻ چاهي يا وري هو قتل ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ پنهنجي مرضي موجب زندگي جيئڻ چاهي ٿو. مون سوشل ميڊيا تي جيڪي سندن مطالبن بابت پوسٽون پڙهيون، انهن ۾  بنيادي انساني شهري حق، عزت، برابري ۽ احترام سان گڏ جيئڻ  واري مطالبي سميت سندن آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ وارو  مطالبو هو. انهن جي جائز مطالبن تي سنجيدگي جو مظاهرو ٿيڻ کپي ته ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي قانوني ۽ آئيني حقن جي حاصلات جو جيڪو حق ڏنو ويو آهي، انهي تي عمل ٿيڻ گهرجي. ٻيو اهو انتهائي اهم مطالبو هو ته کدڙن فقيرن جي خلاف سوشل ميڊيا تي جيڪي نفرت انگير پوسٽون يا وڊيوز رکيون وڃن ٿيون، انهن خلاف رياست ڪردار ادا ڪري. هنن وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۾ هڪ سيٽ کدڙن فقيرن لاءِ مخصوص ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،ان کان علاوه تاريخ ۾ کدڙن فقيرن جي جيڪا اهميت ۽ سماج ۾ جيڪا کين عزت ملندڙ هئي، انهي کي نصاب ۾شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن خلاف ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرت گهٽ ٿئي. هنن جو اهو به مطالبو هو ته روزمره جي بنياد تي پبلڪ ۽ پرائيوٽ ادارن ۾ کدڙن فقيرن جي عزت لاءِ ڪنهن مهم جو آغاز ڪيو وڃي ته جيئن سماج ۾ تبديلي اچي،

 اهو مطالبو به جائز آهي، جيڪو پورو ڪرڻ ايڏو ڏکيو ناهي. تازو جيڪو انهن جي حقن بابت بل پاس ٿيو آهي، انهي خلاف جيڪا نفرت آميز پروپيگنڊا ڪئي وئي آهي، اها سوچ ئي انهن کدڙن فقيرن خلاف نفرت جو سبب بڻجي رهي آهي، جڏهن ته  اسان جو مذهب واضح طور چوي ٿو ته “ جنهن هڪ انسان جي زندگي بچائي، هن انسانيت کي بچايو” ته پوءِ ان قسم جون نفرت انگيز تقريرون ڪري يا سوشل ميڊيا تي پروپئگينڊا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي انهي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ کدڙن فقيرن لاءِ وفاقي توڙي سمورين صوبائي حڪومتن کي خاص قانونسازي سان گڏ بنيادي انساني حقن جي فراهمي لاءِ خاص توجهه ڏيڻ گهرجي، انهي سان گڏ سنڌ واسين کي خاص ڪري انهي ڳالهه تي توجهه ڏيڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو جيڪي اوليائن، بزرگن ۽ صوفين جا پوئلڳ آهن، جيڪي سمورن عقيدن ۾ انسانيت کي اول سمجهندڙ مذهبي متڀيد کان تمام پري آهن، انهن ماڻهن کي گهرجي ته انهن کدڙن فقيرن کي اها ئي اهميت ڏين جيڪا اسانجي ابن ڏاڏن انهن ماڻهن کي ارپي هئي، نه رڳو اهو پر پنهنجي پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري انهن کي روزگار سان لڳائين ته جيئن اهي پنڻ يا جسم فروشي جي ڌنڌي کان جان ڇڏائي پنهنجي حياتي  اسان جيان محنت، جفاڪشي  ۽ پرسڪون طريقي سان گذاري سگهن.