اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي 11 رڪني بينچ مخصوص سيٽس جي ڪيس ۾ سني اتحاد ڪونسل جي بينچ تي اعتراض سميت 3 درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت نشر ڪرڻ بابت درخواست منظور ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، متاثر عورتن جي وڪيل مخدوم علي خان جا دليل ڏنا، عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي سني اتحاد ڪونسل جي بينچ تي اعتراض ۽ 26هين آئيني ترميم کي پهريان ٻڌڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ڪيس کي سڌي ريت نشر ڪرڻ بابت درخواست منظور ڪئي وئي، عدالت آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ کي لائيو اسٽريمنگ جا انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.