اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخصوص سيٽس تي سپريم ڪورٽ ٻيهر ورهائجي وئي، نظرثاني درخواست منظور، جسٽس عقيل ۽ جسٽس عائشه جا اختلاف، ٻڌڻي کان اڳ جسٽس منصور علي شاهه جو لکيل فيصلو جاري، نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 13 رڪني آئيني بينچ ڪئي، جنهن ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظفر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس عقيـل عباسي، جسٽس شاهد بلال حسن، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين پنھور، جسٽس عامر فاروق، ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا۔ ٻڌڻي جي شروعات ۾ مسلم ليگ (ن) جي وڪيل حارث عظمت موقف اختيار ڪيو ته مخصوص سيٽون اهڙي جماعت کي ڏنيون ويون جيڪا ڪيس ۾ ڌر ئي نه هئي۔ جسٽس عائشه ملڪ چيو ته هن نڪتي جو جواب اڳ ۾ ئي فيصلي ۾ ڏنو ويو آهي، اوهان جي نظرثاني جو بنياد ڇا آهي؟ جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته توهان جو اعتراض سڄي فيصلي تي آهي يا صرف اڪثريتي فيصلي تي؟ چيو ته اعتراض اڪثريتي فيصلي تي آهي، ڇاڪاڻ ته چيف جسٽس يحيى آفريدي به ٽيڪنيڪل بنيادن تي سيٽون ڏيڻ جي استدعا رد ڪئي هئي۔جسٽس عائشہ ملڪ چيو ته نظرثاني جو دائرو محدود آهي، اِن تي نئين سر دليل نٿا ڏئي سگهجن۔ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان اڳيان آر او جو آرڊر ۽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو موجود هو۔ وڪيل حارث عظمت چيو ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن جي فوج هئي، پوءِ به آرڊر چئلينج نه ڪيو ويو۔ جسٽس مندوخيل چيو ته ڇا هڪ پارٽي جي غلطيءَ جي سزا قوم کي ڏني وڃي؟ ڇا سپريم ڪورٽ نوٽيس ۾ آيل شيءِ کي نظرانداز ڪري ها؟ جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪيس کي ڇڏيو اوهان سپريم ڪورٽ کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيو، سڀاڻي ڪنهن کي ڦاسي جي سزا ڏيو ته ڇا اهو چوندو ته بس مٿي ڦندو وجهي ڇڏي ڏيو؟ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ نظرثاني جون درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيـل عباسي نظرثاني درخواستون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪرڻ واري فيصلي سان اختلاف ڪندي درخواستون ناقابل ٻڌڻي قرار ڏنيون. 11 ججن اڪثريت سان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهين عدالت جي درخواست به هن ڪيس سان گڏ ئي ٻڌي ويندي.