مٽياري(رپورٽر) ايم پي اي مخدوم فخر الزمان پاران تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت جي ترجمان ايم پي اي مٽياري مخدوم فخرالزمان جو چوڻ هو ته ڪئنال ن ليگ جي حڪومت ٺاهيا آهن، پيپلزپارٽي سخت مخالفت ڪندي. ايم پي اي مخدوم فخر الزمان پاران پيپلزپارٽي ضلعي صدر پير امير علي شاھه ھاشمي سان گڏ هاشمي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي کوٽ آھي، ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏي نٿا سگھون اھڙي صورتحال نوان ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ته بڻبي پر ٺٽو . بدين توڙي ڪراچي واسي پاڻي ڦڙي لاءِ به سڪندا پيپلزپارٽي ڪنھن به صورت ۾ ڪئنال ٺھڻ نه ڏيندي. سندس چوڻ ھو ته صدر آصف علي زرداري واضح طور ڪئنالن جي مخالفت ڪئي آهي، ان کان اڳ چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري به ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آھي، ھن چيو پيپلزپارٽي ھميشه سنڌ جي حقن خاطر سنڌي عوام سان گڏ بيٺل رھي آھي پر ٻين پارٽين ڇا ڪيو آھي، سدائين ڊڪٽيٽرن جي ھنج ۾ ويھي سنڌين جي ڪک ۾ ڇرو ھنيو آھي ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ڪئنالن خلاف قرارداد پيش ڪنداسين پوءِ ڏسون ڪھڙين پارٽين وارا حمايت ٿا ڪن مخدوم فخرالزمان جو چوڻ هو ته 4 اپريل تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙھي خدابخش ۾ حاضري ڏينداسين ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلع مٽياري جي صدر پير امير علي شاھه ھاشمي جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي لاء ھميشه پنھنجو چٽو موقف رکيو آھي ڪالاباغ ڊيم ھجي يا ٿل ڪئنال ھجي پيپلزپارٽي روڊن تي احتجاج ڪيو آ ھاڻي به ڪئنالن خلاف پيپلزپارٽي واضح موقف رکيو آھي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪو به ڪئنال قبول ناھي ان موقعي تي فضيل حبيب شاھه، سردار جاويد سمون، نثار کٽياڻ، شازيه عطا چانگ، رئيس غني ميمڻ، مسرت جعفري، نواب مدثر ٽالپر، پير ارتضا شاھ، ھاشمي، اسد ميمن، امجد ميمڻ، لائق قاضي، نانا نويد سمون، اڪبر ڀٽو ۽ ٻيا به موجود هئا.