ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ) پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين جي وڏي ڀاءُ مخدوم غلام محي الدين پٽ سان گڏ پهچي پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان کان معافي وٺي ڇڏي. مخدوم هائوس جي ترجمان موجب مخدوم غلام محي الدين پنهنجي پٽ ۽ هالا ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم عمار سان گڏ حيدرآباد واري مخدوم هائوس پهچي پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان سان ملاقات ڪئي،  ملاقات دوران مخدوم عمار پنهنجن غلطين جي معافي گهرندي چيو ته مخدوم جميل الزمان منهنجو محسن ۽ روحاني پيشوا آهي. ترجمان موجب مخدوم جميل الزمان مخدوم عمار کي معاف ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته مخدوم غلام محي الدين پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم فضل حسين جو ڀاءُ آهي، هو  پٽ سميت مخدوم هائوس سان سياست ۾گڏ رهيو،  بعد ۾ مخدوم هائوس کي ڇڏي پنهنجي ڀاءُ مخدوم فضل حسين سان بيٺو، تازين مڪاني چونڊن ۾ مخدوم عمار ڪائونسلري جي سيٽ تي بيٺو پر هارائي ويو. مخدوم فضل حسين ۽ سندس پٽ مخدوم محسن توڙي مخدوم عمار مخدوم هائوس تي سنگين الزام هنيا هئا، ڪالهه مخدوم غلام محي الدين پنهنجي پٽ مخدوم عمار کي وٺي مخدوم هائوس پهچي مخدوم جميل الزمان کان معافي ورتي