ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي پرڏيھي وزير ۽ غوثيا جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھه محمود قريشي جي آزادي لاء ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو غوثيا جماعت پاران مظاھرو ڪيو ويو ـ ان موقعي تي اڪبر پلي، ڪرشن شرما، عبدالوحيد راھمون، امان الله سمون ، امين سنگراسي۔ حاچي رمضان راھمون ۽ ٻين چيو ته مخدوم شاھ محمود قريشي اسانجو روحاني پيشوا آھي سندس بنا سبب گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته جنهن قانون تي صدر جي صحيح ناھي، انھي قانون هيٺ گرفتاري رياستي انتقام آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته مخدوم شاھ محمود قريشي سميت بيگناھ ڪارڪن ۽ اڳواڻ آزاد ڪيا وڃن