ھالا(ن پ ا) حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جو ساليانو 448 ھون عرس مبارڪ نھايت عقيدت ۽ احترام سان آچر جي ڏينھن درگاھه سرور نوح ھالا ۾ ملھايو ويندو، عرس مبارڪ جون تياريون تيزي سان جاري آھن، پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سروري جماعت جا مريد ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ هالا پهچي ويا آهن ،جڏهن ته زائرين جي آمد جو سلسلو اڃا به جاري آهي. ميونسپل ڪاميٽي ھالا طرفان مختلف ھنڌن تي پاڻي جي سبيلن جا اسٽال قائم ڪيا ويا آھن، مخدوم ھائوس جي ميئنجر گل محمد پنھور موجب حضرت مخدوم سرور نوح جي 448 ھين عرس مبارڪ جو افتتاح سروري جماعت جو روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ڪندو سروري جماعت جي آيل مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ رھائش ۽ لنگر جو انتظام پڻ ڪيو ويو آھي.