ڄام شورو (رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ مخدوم خليق الزمان جي ورسيءَ جي مناسبت سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مخدوم خليق الزمان ضيائي آمريت سان مھاڏو اٽڪايو.ضياءَ الحق جي ڪوشش هئي ته مخدوم خاندان کي ڪنهن به نموني پي پي پي کان جدا ڪيو وڃي. جنهن جي ڪري کين مچ جيل، ڪوٽ لکپت، ڪراچي، حيدرآباد توڙي سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، جتي کين سختيون برداشت ڪرڻيون پيون. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرفتاريون هالا مان سروري جماعت جي ماڻهن ڏنيون، ان دوران هالا جي نيشنل هاءِ وي تي هزارين ماڻهو گڏ ٿيا ۽ هاءِ وي جام ڪري ڇڏيو هو. سروري جماعت جي ماڻهن سر تي ڪفن ٻڌي ضياءَ الحق جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي چيئرپرسن چونڊرائڻ جي سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جو هالا ۾ وڏو ڪنوينشن ڪوٺايو ويو ھو، جنهن ۾ کيس چيئرپرسن منتخب ڪيو ويو. ان کان اڳ محترمه بيگم نصرت ڀٽو پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن هئي. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ وڌيڪ چيو تھ پاڪستان جا ماڻهو مخدوم خليق الزمان جي سياست ۽ جدوجهد کي ڪڏهن به نه وساريندا سگهندا ۽ جيڪي به هُن سان هڪ ڀيرو مليا، اُهي کيس هميشه ياد ڪندا رکندا.