ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مخدوم جميل الزمان پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آھي، سندس ڏنل بيان سان متفق ناھيان، سنڌ ڪابينا ۾ شامل سندس فرزند مخدوم محبوب سميت سمورا وزير ۽ وڏو وزير بھتر ڪم ڪن پيا، اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران پوليس اھلڪار شھيد ٿيا آھن، جن جا تفصيل 2-3 ڏينهن اڳ ڏئي چڪو آھيان، هن چيو ته  گورنر جي تبديلي بابت ڪھڙي وزير خبرون ھلرايون، مخدوم جميل انھي جو نالو پاڻ ٻڌائي، مونکي خبر ناھي،  هن چيو ته مخدوم جميل الزمان جو بيان يا تحفظات پارٽي قيادت تائين پھتل آھن.