ماسڪو (م ڊ) مختلف ملڪن جو طالبان تي زور ڀريو آهي ته دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪيا وڃن،  افغانستان جي صورتحال تي روس ۾ ٿيندڙ اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ طالبان تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي افغانستان ۾ موجود سمورن دهشتگرد گروپن جا ٺڪاڻا ختم ڪن. ماسڪو فارميٽ تحت روس جي شهر ڪازان ۾ افغانستان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چين، ڀارت، روس، پاڪستان ۽ افغانستان سميت ايران جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪازان اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته طالبان افغانستان مان سمورن دهشتگردن جا ٺڪاڻا ختم ڪن، افغانستان ۾ سڀني ڌڙن جي نمائندگي ڪندڙ گڏيل حڪومت جلد جڙڻ گهرجي ۽ انساني حقن سان گڏ عورتن جي حقن جو به احترام ڪرڻ گهرجي.