باڊھه(ن پ ا) قديم ماڳ موهن جو دڙو تي مختلف ملڪن پولينڊ، ٿائلينڊ، سلونيا سميت پرڏيهي سياحن جو 45 ڄڻن تي مشتمل وفد سنڌ جي قديم ماڳ تي پهتو. پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي پرڏيهي وفد جو چوڻ هو ته دنيا جي تاريخ ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب منفرد حيثيت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف ملڪن کان سياح هتي اچن ٿا، هنن چيو ته موهن جو دڙو اوائلي دور جي قديم ترين تهذيب آهي،جيڪا اڄ به وڏي اهميت رکي ٿي. 5 هزار سالن کان قائم قديم گهرن جو وجود قائم رهڻ ڪنهن حيرت کان گهٽ ناهي،ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.