ڪراچي(نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ پيٽرول، بجلي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، وڪيلن طرفان به عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، ڪيس نه هليا، عدالت پاران نيون تاريخون نيون ويون. ان سلسلي ۾ نوابشاهه ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ مھانگائي، پيٽرول ۽ بجلي جي وڌندڙ قيمتن خلاف سوشل ورڪرن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف شھرين، دوڪاندارن، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي، شھر جي الله واري چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. قمبر ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري محمد ايوب خانزادو، فراز هڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. شڪارپور ۾ پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ پاران حاڪم گل، برڪت ناپر، علي گل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٺٽو ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي توڙي تيل ۽ بجلي جي اگھن ۾ مهانگائي خلاف ٺٽي جي وڪيلن پڻ سراپا احتجاج بڻجي سيشن ڪورٽ سميت ان جي ماتحت ڪورٽن ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري هڙتال ڪرڻ سان گڏ بار روم کان ڪورٽ جي مک گيت تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪئي. مسوڀرڳڙي جي پورهيت گل فقير مڱريو پريس ڪلب مسوڀرڳڙي اڳيان مهاانگائي خلاف احتجاج ڪيو. چمبڙ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان مهانگائي خلاف بچاڻي پيٽرول پمپ کان اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس چمبڙ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. باڊهه ۾ مهانگائي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪوٽڏيجي ۾ به ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو. راڻيپور ۾ ملڪ اندر پئٽرول سميت مختلف کاڌي پيتي جي شين جا اگھه وڌڻ خلاف يونائيٽيڊ لائيرس اينڊ سول سوسائٽي فورم پاران احتجاج ڪيو ويو. ڪوٽڙي محمد ڪبير ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پاران ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. قاضي احمد ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف چنگچي رڪشا ڊرائيورن مزدورن پورھيتن دھل وڄائي انوکو احتجاجي مظاھرو ڪيو. جهوڪ شريف ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ڳاٽي ٽور مهنگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي بجلي ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، بائيڪاٽ سبب هاءِ ڪورٽ ۽ ان سان لاڳاپيل عدالتن ۾ وڪيل پيش نه ٿيا ۽ ڪاروهنوار معطل هئڻ سبب سائلين کي عملي نيون تاريخون ڏئي واپس روانو ڪيو ويو. سکر ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. جيڪب آباد ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري مظفر علي رند، مصري خان جکراڻي، سيد غلام حسين شاھ، جي ايم سومرو ۽ زاھد حسين سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. مورو بار جي وڪيلن طرفان بار جي جنرل سيڪٽري قادر ڪورائي جي اڳواڻي ۾ مورو ڪورٽ کان پريس ڪلب تائين مھانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.