ڪراچي / حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان ) دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي ننڍن ، وڏن شهرن ، ڦلجي اسٽيشن ، پيارو اسٽيشن ، مخدوم بلاول ، خدآباد ، ڇنڊڻ ۽ ٻين هنڌن تي مٽيء جي زوردار طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي وڻ ۽ سائن بورڊ ڪرڻ جا اطلاع آهن، طوفان سبب ٽريفڪ سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ دادو شهر جي 15 فيڊرن سميت ڪيترن ئي فيڊرن تي بجلي جي سپلاء بند ڪئي وئي، جيڪا رات دير تائين بحال نه ٿي سگهي قمبر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز مٽي جي طوفان سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته هلڪي برسات پئي قبوسعيدخان لڳ ڪچي پل واري علائقي ۾ تيز طوفاني برسات سبب معصوم نينگر علي جان ولد درمحمد مگسي پنهنجي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويو.ڪوٽڏيجي ۾ برسات پوڻ بعد گرميءَ جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، سيتاروڊ ۾ مٽي جي تيز طوفان ماڻهن جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي. بازارون ڪاروباري مرڪز بند ٿيڻ سبب ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا، جڏهن ته تيز طوفان ڪئي ڪچا منھ ڇپرا، ڪچون ڀتون، وڻ ڊاهي وڌا آهن. بجلي ۽ ٻيو مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو نبي سرروڊ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ مٽي جي طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات. موسم خوشگوار بڻجي ويو. نبي سرروڊ جي مختلف علائقن نبي سرٿر، سانوري، ڪيٽل فارم، راڻاواءِ، ڊيني سرفارم ۽ ٻين هنڌن تي تيز طوفاني هوا بعد ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي وقفي وقفي سان برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو،ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لٽ ۽ مٽي جي طوفان سان گڏ هلڪي برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو. طوفان هوائن سبب پريس ڪلب ٽنڊوباگو جي پارڪ ۾ بيٺل وڻن سميت ڪيترائي وڻ پاڙ کان ٽٽي پيا، ڪچن گهرن جا ڇپرا ۽ گهرن تي پيل سولر پليٽون طوفاني هوا ۾ اڏامي ويون. ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس ڇائينجي ويو ،پنگريو ۽ آسپاس تيز ھوا ۽ گجگوڙ سان برسات پئي جنھن ڪري گھڻي وقت کان سوڪھڙي جو شڪار رھندڙ علائقي ۾ خوشي جي لھر ڇائيجي وئي پيرولاشاري شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان بعد تيز برسات جو سلسلو جاري ٿي ويو آهي، پيرولاشاري رپ شريف، مورجهر، گهڙو، جھالار سميت آس پاس جي علائقن ۾ طوفاني برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو، برسات ۽ تيز هوا سبب ڪچن گهرن ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، ڪيترائي وڻ به ڪري پيا، دڪانن مٿي رکيل سائن بورڊ ۽ سولر پليٽون اڏامي ويون، ملڪاڻي شريف سمن سرڪار ٻنگار خيرپورگنبوه پتافي ٽيل ۽ ٻين علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان کانپوءِ برسات جو تيز وسڪارو ٿيو جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي، تلھار شھر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ مٽي جو طوفان ، ھلڪي ھلڪلي بوندا باندي شروع ، ٿڌين ھوائن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي گرمي جو زور ٽٽي ويو.غلام شاه موري ڀرپاسي وارن علائقن ۾ لٽ ۽ مٽي جي طوفان سان گڏ هلڪي برسات جو وسڪارو شروع ٿي ويو. جھڏو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ مٽي جي طرفان بعد هلڪي برسات شروع برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ٿي وئي گڊو ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ مٽي جي طوفان بعد بجلي بند ٿي وئي، مختلف علائقن ۾ سولر پليٽون،ڇپرا ۽ وڻ ڪري پيا، ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو،باھوکوسو ۽ تيز ھوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو. ميرپورخاص ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي. ڪنڌڪوٽ ۾ هلندڙ برسات دوران ڌماڪي سان وڄ ڪري پئي، باء پاس وٽ بهه جي ديري کي باه لڳي وئي. زوردار ڌماڪي جي آواز شهر واسين ۾ خوف هراس ڦهلائي ڇڏيو. کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات شروع ٿي وئي کاھي، ھٿونگو، ڍليار، ڀٽ ڀائٽي سميت اڇڙي ٿر جي مختلف علائقن ۾ به ھلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سمورو ڏينهن شديد گرمي کان پوءِ رات جي وقت مٽي جي تيز طوفان کان پوءِ برسات پئي. ڪوٽڌيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو سلسلو ھلندڙ آهي. بوزدار وڏا ۾ به مينهن پيو. نيوڇور، سڻوھي، پرچي جي ويري، ڪنڌل ۽ ٻين ڪيترين ڳوٺن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي. ڄام نواز علي ۽ ڀرپاسي به هلڪو مينهن پيو.
ڪنري(ن پ ا) ڪنري شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ٻسٽان، ميمڻ ڪنري، ٽوڀان شاخ، پڪو موڙ، ڍڊرو، محمود آباد، رسول آباد، نسيم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان بعد ويساک مھيني جو پھريون وسڪارو ٿيو، برسات سبب ڪافي ڏينھن کان جاري گرمي جي شدت ۾ گھٽتائي اچي وئي ۽ موسم خوشگوار ۽ ھوا جي ٿڌي ھٻڪار لڳڻ لڳي آھي، ٻئي پاسي علائقي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب پريشان ٿيل آبادگارن ۽ ھارين جي چهرن تي برسات بعد مرڪون موٽي آيون ۽ سرهائي پيدا ٿي وئي، مرچن ۽ ڦٽي جي فصلن سميت پوکيل ڀاڄين کي پاڻي لڳي ويو، هوڏانھن برسات دوران بجلي بند رهي.