مختصر وقت ۾ چونڊ سڌارا ممڪن ٿي سگهندا؟

0
164
مختصر وقت ۾ چونڊ سڌارا ممڪن ٿي سگهندا؟

  قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي پنجن سالن واري مدت 12 آگسٽ رات ٻارهين وڳي مڪمل ٿي ويندي، جنهن ڪري مرڪز ۾ شهباز شريف جي سربراهي ۾ قائم اتحادي حڪومت سوڌو سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي حڪومت جو به 12 آگسٽ وارو آخري ڏينهن هوندو. اهو ته واضح ٿي ويو آھي ته موجوده حڪومت قومي اسيمبلي جي مدت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪرڻ جو ارادو نٿي رکي ۽ وزير اعظم شهباز شريف اهو واضح ڪري ڇڏيو آھي ته آگسٽ ۾ حڪومت، نگران حڪمرانن حوالي ڪري ڇڏينداسين، جنهن سان اهو ته واضح ٿي وڃي ٿو ته موجوده حڪومت جي مدي ۾ واڌ ٿيڻ نه پئي وڃي پر هن وقت به اهو سوال هر هنڌ زير بحث آھي ته ملڪ اندر چونڊون 60 ڏينهن ۾ ٿينديون يا عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو رستو اختيار ڪيو ويندو؟ ڏسجي ته هن وقت چونڊون هڪ مهيني دير سان ٿيڻ جي بظاهر ضرورت مسلم ليگ (ن) جي لڳي رهي آھي، ڇو ته ڪيسن خلاف اپيلن جو حق ڏيڻ جو قانون منظور ڪرائڻ باوجود مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف جي عمر ڀر لاءِ ٿيل نااهلي کي اهليت ۾ تبديل ڪرائڻ جي طريقيڪار به نواز ليگ کي وقت درڪار آھي، مسلم ليگ (ن) کي چونڊون 60 ڏينهن بجاءِ نوي ڏينهن ۾ ڪرائڻ جو آپشن ان ڪري به بهتر لڳي رهيو آھي، جو تحريڪ انصاف جي سربراه جي نااهلي اگر چونڊن کان اڳ ٿئي ٿي ته ان جو سياسي فائدو مسلم ليگ (ن) کي ٿيڻ جو امڪان آھي. ان ڪري اهو  محسوس ٿي رهيو آھي ته مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبلي کي مدت مڪمل ٿيڻ کان ٽي چار ڏينهن اڳ ٽوڙڻ جي سفارش ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آھي. ڀلي ان تجويز جي پيپلزپارٽي سوڌو اتحادي پارٽين پاران مخالفت به ڪئي وڃي پر اسيمبلي وقت کان اڳ تحليل ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ جو اختيار نج وزير اعظم جو آھي. اگر اڳوڻو صدر آصف زرداري بين الصوبائي وزارت، جنهن جي ڪرڪيٽ بورڊ ماتحت آھي، جي چيئرمين جو عهدو نواز ليگ کان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته اها وزارت حصي ۾ پيپلزپارٽي جي آيل آھي. ان ڪري ان وزارت جي ماتحت اداري جي سربراهي جو فيصلو ڪرڻ به پيپلزپارٽي جو حق آھي ته پوءِ اتحادين جي اعتراضن باوجود پنهنجي سياسي فائدي لاءِ نواز ليگ ڇو مدت مڪمل ٿيڻ کان اڳ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سفارش نٿي ڪري سگهي؟

ڳالھ اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ کان ڪجھ ڏينهن اسيمبلي اڳ ٽوڙڻ جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته چونڊ سڌارن جو مقصد کڻي اقتدار ۾ آيل موجوده حڪومت کي اقتدار ۾ اچڻ بعد اهو ڪم ياد ئي نه رهيو. انهن 6 جولاءِ تي چونڊ سڌارن واري پارلياماني ڪاميٽي جو پهريون اجلاس گهرايو. پهرين اجلاس ۾ اياز صادق کي چيئرمين چونڊيو ويو. ان بعد هن وقت تائين ڪاميٽي چار اجلاس ڪري چڪي آھي. چون ٿا ته ستر جي لڳ ڀڳ چونڊ سڌارن لاءِ تجويزون تيار ڪيون ويون آھن پر حڪومت وٽ چونڊ سڌارن واري بل کي قومي اسيمبلي سوڌو سينيٽ مان به منظور ڪرائڻ لاءِ وقت موجود نه آھي. چونڊ سڌارن سان گڏ نوي ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ايندڙ پنج ڏينهن يعني 19 جولاءِ تائين ٻنهي ايوانن مان بل منظور ڪرائي صدر کي منظوري لاءِ اماڻڻو پوندو، نه ته صدر چونڊ سڌارن سان گڏ نوي ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ واري حڪومتي خواب اڳيان ديوار بڻجي ان خواب کي چڪناچور ڪري سگهي ٿو، ڇو ته آئين جي آرٽيڪل 75 تحت اگر ڪو بل صدر کي موڪليو وڃي ته صدر ان کي ڏهن ڏينهن تائين رکي ٻيهر منظوري لاءِ گڏيل پارليامينٽ کي به موڪلي سگهي ٿو. گڏيل پارليامينٽ بنا ترميم يا ترميم سان بل منظور ڪري ۽ ان جي ڏهن ڏينهن ۾ صدر منظوري نه ڏئي ته پوءِ اهو بل پاڻ هرتو قانون بڻجي سگهي ٿو. مطلب ته صدر چاهي ته چونڊ سڌارن واري بل کي 20 ڏينهن لاءِ لٽڪائي سگهي ٿو. ان حساب سان اگر حڪومت 19 جولاءِ تائين چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪرائي وٺي ٿي ۽ صدر اگر ان کي عتراض واري گڏيل پارليامينٽ کي به اماڻي ٿو ته اهي ويھ ڏينهن 8 آگسٽ تي پورا ٿي ويندا. 9 آگسٽ تي اهو بل پاڻ هرتو قانون بڻجي سگهي ٿو ۽ نوي ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ لاءِ وزير اعظم 9 آگسٽ تي صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سفارش به ڪري سگهي ٿو. اگر صدر 48 ڪلاڪن ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي منظوري نه به ڏني ته قومي اسيمبلي مدت مڪمل ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 11 آگسٽ تي ٽُٽي ويندي پر 19 جولاءِ کان دير سان چونڊ سڌارن جو بل منظور ٿيڻ تي اگر صدر ان تي اعتراض واري ٿو ته حڪومت وٽ چونڊ سڌارن سان گڏ 60 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو ئي رستو هوندو. اگر ان صورت ۾ به نوي ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ لاءِ اسيمبلي ٽوڙي وئي ته چونڊ سڌارن وارو بل قانون نه ٿي سگهندو ۽ پوءِ بنا سڌارن جي نوي ڏينهن ۾ چونڊون ٿي سگهن ٿيون.

اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هن وقت نگران حڪومت جي قيام لاءِ به نالن تي غور ٿي رهيو آھي. سوشل ميڊيا تي ته ڪجھ ماڻهن محسن بيگ کي ايندڙ نگران وزير اعظم ڄاڻايو آھي ته ڪجھ ماڻهو حفيظ شيخ يا ڪنهن ٻئي معيشت دان کي نگران وزير اعظم طور ايندي ڏسڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آھن. ائين هر ماڻهو پنهنجون پنهنجون دعوائون ڪري رهيو آھي. نه رڳو وفاقي نگران حڪومت پر سنڌ ۾ سوشل ميڊيا جي يارن ته ڪابينا جا متوقع وزير به سامهون آندا آھن پر مان هن وقت اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته نگران وزير اعظم جي نالي تي هن ڀيري اختلاف ٿيڻ جو امڪان گهٽ آھي، ڇو ته نگران وزير اعظم اپوزيشن ليڊر راجا رياض ۽ وزير اعظم کي مقرر ڪرڻو آھي. راجا رياض کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نواز ليگ جو ئي سهارو وٺڻو پوندو. ان ڪري ان پاران وزير اعظم سان نگران وزير اعظم جي نالي تي اختلاف ڪرڻ جو مامرو مشڪل ٿو لڳي.

پاڪستان ۾ قوم سان مهينن کان روزانو خطاب ڪرڻ جو رڪارڊ ته عمران خان بڻايو آھي، جيڪو حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ به روزانو قوم کي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي خطاب ڪندو رهي ٿو. ڪالھ شايد وزير اعظم به عمران خان سان ريس ڪندي قوم کي خطاب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. قوم سان خطاب ڪرڻ جو فيصلو ته ڪو وڏو اعلان ڪرڻ يا ڪنهن ڳنڀير مسئلي بابت اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪيو ويندو آھي پر وزير اعظم جي ڪالهوڪي قوم کي خطاب کي ٻڌڻ بعد اهو محسوس ٿيو ته وزير اعظم سياسي بيان کانسواءِ ڪو به اعلان نه ڪيو. وزير اعظم سعودي کان ٻه ارب ڊالر، يو اي اي کان هڪ ارب ڊالر ملڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف وٽان هڪ ارب، 20 ڪروڙ ڊالر ملڻ تي ٿورا مڃيا. هاڻي ورلڊ بينڪ کان به رقم ملي ويندي. ملڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 14 ارب ڊالرن جي قريب پهچي ويا آھن پر ان جو عام ماڻهن کي فوري رليف ملڻ جو ته پري پري تائين ڪو امڪان نه آھي پر آءِ ايم ايف کان پيسا ملڻ جو مامرو عوام مٿان مصيبتون آڻي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ بجلي، گيس، تيل جا اگھ وڌي سگهن ٿا. عوام کي حڪومت ويندي وقت به ڪو خاص رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ ايندڙ ٻه قسطون وٺڻ مشڪل ٿي ويندو. هن وقت معيشت جي بحالي سوڌو ملڪ اندر سيڙپڪاري آڻڻ ۽ پرڏيهي ملڪن مان قرض ڏيارڻ ۾ پاڪ فوج جي سربراهه کي ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿو. قوم کي خطاب دوران وزير اعظم آرمي چيف جو ٿورو به مڃيو آھي. سوال هي آھي ته اها سياستدانن جي ناڪامي آھي يا ان کي اهي پنهنجي ڪاميابي سمجهن ٿا؟ سوال هي به آھي ته ساڃاهه وند ٻڌائين ته ملڪ اندر معاشي تباهي وڌيڪ ٿي آھي يا ملڪ مان سياسي ماڻهن جي ساک جو وڌيڪ صفايو ٿيو آھي؟ سياستدان ملڪي مامرا هلائڻ ۾ به اگر ٻئي طرف واجهائيندا رهندا ته عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ سياستدانن طرف ڇو واجهائيندو؟ جيئن ملڪي معيشت جي تباهي جي ذميوار ڪردارن کي وائکو ڪرڻ بابت جاچ جي ڳالھ ٿيندي رهي ٿي، ائين ملڪ اندر سياست جي تباهي جي ذميوار ڪردارن جو تعين ڪرڻ لاءِ به هڪ ڪميشن قائم ٿيڻ گهرجي.