اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايوان مدرسن جي رجسٽريشن لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس جي مدت ۾ وڌيڪ 120 جي واڌ ڪرڻ لاءِ قرارداد منظور ڪري ورتي، جڏهن ته مخبر جي تحفظ ۽ نگراني جي ڪميشن جي قيام بابت بل به سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو. بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به فرد، ادارو يا ايجنسي ڪميشن آڏو معلومات پيش ڪري سگهي ٿو. مخبر ڊڪليئريشن ڏيندو ته ان جي معلومات درست آهي. معلومات کي دستاويزن ۽ مواد سان گڏ تحريري صورت ۾ پيش ڪيو ويندو. جيڪڏهن مخبر پنهنجو اصل سڃاڻپ ظاهر نه ٿو ڪري ۽ جعلي شناخت ظاهر ڪري ٿو ته ڪميشن اهڙي معلومات تي ڪارروائي نه ڪندو. جيڪڏهن مخبر جي معلومات پاڪستان جي سلامتي يا خودمختياري خلاف هجي ته اها قبول نه ڪئي ويندي. ڪميشن جو مجاز آفيسر حڪومتن، اختيارين، بينڪن، مالي ادارن کان معلومات حاصل ڪري سگهندو. لاڳاپيل آفيسر 60 ڏينهن اندر معلومات جي جاچ ڪندو. مخبر جي معلومات درست نڪتي ته ان کي حاصل ٿيل رقم جو 20 سيڪڙو انعام ڏنو ويندو. غلط معلومات ڏيڻ تي 2 سال قيد ۽ 2 لک رپيا ڏنڊ هوندو. اهو ڏنڊ ان ماڻهو کي ڏنو ويندو جنهن بابت غلط معلومات ڏني وئي هئي. مخبر جي سڃاڻپ ڪابه اٿارٽي سامهون ظاهر نه ڪئي ويندي. جيڪو مخبر جي سڃاڻپ ظاهر ڪندو، ان کي 5 لک رپيا ڏنڊ ۽ 2 سال قيد جي سزا ڏني ويندي.