شاهپورجهانيان (ن پ ا) ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو آهي ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ۾ جهيڙو اقتداري جو آهي، جنهن سان عوام کي ڪو به فائدو نه ملندو، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  اقتدار خاطر ايم ڪيو ايم سان سنڌ دشمن معاهدو ڪيو ويو، هن چيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي بلديا جا اختيار ايم ڪيو ايم حوالي  ڪرڻ ۽ انهن جا مطالبا مڃڻ سنڌ دشمني آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ٿو ڪري، هن چيو ته اسان سنڌ جي خودمختياري ۽ سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان کي برادرين ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.