اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميڊيا جي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو آهي ته ترڪي پارليامينٽ جي اسپيڪر فلسطين جي صورتحال تي ڪانفرنس سڏائي ورتي آهي ترڪي جي اسپيڪر ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، فلسطيني عوام جي حالت زار ڏسي دل ڏکندو آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو موقف پيش ڪندس. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ عوام فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺا آهن. فلسطين تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، اسرائيل فلسطين جي بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري رهي آهي، آمريڪي ڪانگريس ميمبر جي پاڪستان جي دوري دوران به مخالف ڌر سياست ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان ۽ چيف وهپ کي دعوت ڏني وئي هئي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنيال جي معاملي تي ڳالهائڻ جي موقعي تي واڪ آئوٽ ڪيو. 30 کان وڌيڪ ميمبرن ڪينالن جي معاملي تي ڳالهايو، نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڪينال جي معاملي تي حڪومت جو موقف واضح طور تي پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته پيپلز پارٽي 7 اپريل تي ڪينالن تي بحث لاءِ قرارداد پيش ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر 10 اپريل تي قرارداد پيش ڪئي. ڪورم پورو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.، پارلياماني معاملن واري وزير کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قانون سازي ڪرڻي آهي ته ڪورم پورو ٿيڻ گهرجي.