عمرڪوٽ(رپورٽر) پ پ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ۽ سندس فرزند نواب شھمير ٽالپر ڪالهه عمرڪوٽ پلي ھائوس تي پُھتا جتي پ پ ڪارڪنن ۽ جيالن طرفان استقبال ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواب تيمور ٽالپر چيو ته عمرڪوٽ واسين جا شڪر گذار آھيون جن ھميشه جيان ھن ڀيري به پنھنجو قيمتي ووٽ ڏيئي اسان کي ڪامياب ڪرايو آھي، سنڌ جون 17 پارٽيون گڏ ھيون ۽ پ پ اھا ھڪ واحد پارٽي ھئي جنھن سموري پارٽين جو مقابلو ڪري ڪاميابي ماڻي، ھن چيو ته مخالفن 6 ڪئنالن واري مسئلي تي به ھتي سياست ڪئي، پر مون عوام کي ٻڌايو ته جيسيتائين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو سايو سنڌ جي مٿان آھي، اھو ڪئنال ٺھڻ نه ڏيندو، ان موقعي تي عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين حاجي بقا پلي ميونسپل ڪميٽي چيئرمين خالد سراج سومرو، وائس چيئرمين ڪمار ٽلواڻي پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا.