لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته وقت ثابت ڪيو ته مخالفن کي گارگند، نفرت ۽ ڏڦيڙ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، ترقي جو تسلسل نه ٽُٽي ها ته ملڪ خطي ۽ دُنيا ۾ گهڻو اڳتي هجي ها، پنجاب جي ايم پي ايز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي هن چيو ته نواز ليگ سربراهه چيو آهي ته مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي، ملڪي معيشت به بهتر ٿيندي نظر اچي رهي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي ساراهه ڪندي نواز شريف چيو ته عالمي مالياتي ادارا به وزيراعظم جي محنت جي ساراهه ڪن ٿا…….