ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته جيڪو شخص ورھين کان سچائي ۽ ايمانداري جو ويس اوڍي عوام جي اکين ۾ مٽي وجھي رھيو ھو، سندس چھري تان سچائي ۽ ايمانداري جو نقاب آھستي آھستي لھندو پيو وڃي، عمران خان پنھنجن سمورن مخالفن کي چور ۽ ڌاڙيل ڪوٺي بيانيو جوڙيندو رھيو، اھا ڳالھه ھاڻي عوام جي سامھون اچي وئي آھي، ته ھي شخص ڪوڙو ۽ دوکيباز آھي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ به فرد واحد جي رليف لاءِ رياست خلاف جنگ وڙھي رھي آھي. ھن چيو ته عمران خان ۽ سندس زال کي جيڪا سزا ٻڌائي وئي آھي، ھي اھي ئي شيون آھن، جن جي چونڊ عمران خان پاڻ ڪئي ھُئي، هن چيو ته عمران خان ڪارپوريٽ ڪرمنل ھو، ھن توشا خانه مان گھڙيون چوري ڪري وڪرو ڪيون. سندس حڪومت وئي ته سڀني کان پھرين بني گالا ۾ ويھي بدليون ڪرائيندڙ فرح گوگي کي ملڪ کان فرار ڪرايو ويو، عمران خان وضاحتون پيش ڪندو رھيو ته فرح گوگي جو ڪو تعلق ناھي. اڄ عمران خان کي 14 ورھين جي قيد جي سزا ٿي آھي، ڪو ھڪ شخص احتجاج لاءِ ناھي نڪتو، معمولي گرفتاري تي 9 مئي تي پوري ملڪ کي باھھ لڳائي وئي، ادارن تي حملا ڪيا ويا، سزا کي چار پنج ڪلاڪ ٿي چُڪا آھن، اڄ اھي جيڪي گريبان ڦاڙي ڳالھيون ڪرڻ واري ڪيڏانھن ويا، اڄ کين ھدايتون ڏيڻ وارو پاڻ جيل ۾ آھي، اُن لاءِ ڪو احتجاج نھ ٿيو. ھن چيو تھ ڇا پي ٽي آءِ جا ليڊر فرح گوگي، مالم جبھ، ۽ ڪي پي ڪي بي آر ٽي ڪيس جو دفاع ڪري سگھن ٿا؟ عوام کي اکيون کولڻ گھرجن، عوام جي سامھون ايمانداري جو ڍونگ وڌيڪ نھ ٿو ھلي سگھي، پي ٽي آءِ جي پوري ڪوشش آھي تھ عمران خان کي جيل کان ٻاھر ڪڍيو وڃي. پاڪستان جو عدالتون پاڪستان جي قانون مجب ھلنديون، ڪوبھ ٽرمپ ڪارڊ نه ھلندو.