ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر محمد يونس جي استعيفيٰ ڏيڻ وارن اطلاعن تي منصوبابندي واري صلاحڪار وحيدالدين محمد چيو آهي ته محمد يونس وڃڻ جو ناهي چيو پر عبوري حڪومت کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جو ذڪر ڪيو آهي. هن چيو ته اسين پنهنجي ذميواريون پوريون ڪرڻ تائين اسين ڪيڏانهن ناهيون وڃي رهيا، سمورين مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، ان کان اڳ چيف ايڊوائزر محمد يونس جي صدارت ۾ عبوري ڪونسل جو اجلاس ٿيو، پڌرائي موجب اجلاس ۾ حڪومت کي بنيادي ذميداريون انصاف، سڌارن ۽ چونڊن ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران ملڪ جي سياسي پارٽين سان رابطن ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت خدشا ختم ڪرائڻ تي به ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ شڪست کاڌل قوتن کي شڪست ڏيڻ ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ عوام سان ملي ضروري قدم کڻڻ تي اتفاق ٿيو.