لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد يوسف جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، محمد يوسف ڪجهه ڏينهن اڳ بيٽنگ ڪوچ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي. محمد يوسف کي نئين ذميواري ڏني ويندي، کيس 2، 3 ذميوارين جي آڇ ڪئي ويندي جنهن مان اڳوڻي ڪرڪيٽر کي ڪنهن هڪ ذميواري جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي مستقبل ۾ اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق سان به رابطو ڪري کيس نئين ذميواري ڏيندو.