ملير (رپورٽر) قائدآباد جي گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج ۾ نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار پروفيسر محمد علي پٺاڻ جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي پروفيسر ڊاڪٽر حافظ عبدالباري انڍڙ چيو ته  تعليم کاتي مان  رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جو رٽائرمينٽ کان 6 مهينا اڳ ڪيس تيار ڪري تعليم کاتي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن رٽائرمينٽ جي وقت کين چيڪ ملي سگهي، هن چيو ته تعليم کاتي ۾ لئٽرري استادن جو هڪ اهڙو پليٽفارم ٺاهيو وڃي ته جيئن سندن رٽائرمينٽ تي آر ڊي، ڊي جي ۽ سيڪريٽريٽ سندن مان ۾ پروگرام منعقد ڪري کين بهترين ڀيٽا پيش ڪن، ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ جي پرنسپال پروفيسر محمد هاشم سولنگي چيو ته محمد علي پٺاڻ جي شاعري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جو تسلسل آهي، سندس ڪهاڻيون سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن.