لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان عمران خان جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. محمد عباس فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 13 هون ڀيرو 10 وڪيٽون حاصل ڪري قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر عمران خان جو رڪارڊ برابر ڪري ورتو. محمد عباس اِهو اعزاز قائدِ اعظم ٽرافي جي پنجين رائونڊ ۾ لاهور بليوز جي نمائندگي ڪندي فاٽا ريجن خلاف حاصل ڪيو. فاسٽ بالر پهرين اننگز ۾ ڇهن بيٽرز کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، محمد عباس ٻي اننگز پڻ شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 35 رنسن عيوض چار وڪيٽون ورتيون. فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 13 هون ڀيرو ڏهه وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي محمد عباس، وسيم اڪرم، وقار يونس ۽ عمران خان جهڙن ليجنڊري فاسٽ بالرز جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويو آهي. محمد عباس ان فهرسٽ ۾ عمران خان سان گڏ ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته وقار يونس 14 ڀيرا ۽ وسيم اڪرم 16 ڀيرا 10 وڪيٽون وٺي ترتيبوار ٻئي ۽ پهرئين نمبر تي موجود آهن. ان کانسواءِ محمد عباس هلندڙ قائدِ اعظم ٽرافي جو ٻيو ڪامياب ترين بالر آهي، هو هنيئر تائين 31 وڪيٽون وٺي چڪو آهي.