لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بولر محمد عامر انگلينڊ ۾ “ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ” ٽورنامينٽ لاءِ معاهدو ڪري ورتو آهي. فاسٽ بولر محمد عامر ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ گلوسٽر شائر ٽيم جي نمائندگي ڪندو. ترجمان ڪائونٽي جو چوڻ آهي ته محمد عامر کي نسيم شاهه جي متبادل طور اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي جيڪا اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، يقين آهي ته عامر جي اچڻ سان ٽيم ڪمبينيشن بهتر ٿيندو ۽ هن جي تجربي سان ٽيم کي فائدو ملندو.