دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف شڪست کانپوءِ ڀارتي ٽيم تي اڳوڻي هيڊ ڪوچ روي شاستري تنقيد ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ روي شاستري پليئنگ اليون ۾ محمد شامي کي نه کيڏائڻ تي ڪپتان روهت شرما، ڪوچ راهول ڊريوڊ ۽ ٽيم مينجمنٽ تي ڇتي تنقيد ڪندي سوال ڪيو ته ورلڊ ڪپ 2021ع ۾ شڪست کانپوءِ ڇو فاسٽ بالر کي ٻاهر رکيو ويو آهي. هن چيو ته مان اهو ڏسي حيران آهيان ته شامي کي نيوزيلينڊ، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم سيريز ۾ اسڪواڊ جو حصو نه بڻايو ويو، بمراه جي انجريءَ کانپوءِ اوهان وٽ ڇو اهڙو ڪو بالر موجود نه هو جيڪو آخري اوورن ۾ وڪيٽون حاصل ڪري سگهي. روي شاستري چيو ته محمد شامي آءِ پي ايل ۾ 16 ميچن ۾ 24 جي ايوريج سان 20 وڪيٽون حاصل ڪيون پر هن کي نظرانداز ڪيو ويو.