لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي سڀ کان مهانگي فرنچائز، ملتان سلطانز جو ڪپتان محمد رضوان، ليگ جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب ڪپتان آهي.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جي فتح جي شرح 68.5 سيڪڙو آهي (ڪنهن به پي ايس ايل ڪپتان کان وڌيڪ)، هن 42 مان 29 ميچ کٽيا آهن. رضوان جي اڳواڻي ۾، ملتان سلطانز ٽيم 2021 ۾ ٽائيٽل کٽيو، بعد ۾ 2022، 2023 ۽ 2024 ۾ رنر اپ ٽيم طور سامهون آئي. اسلام آباد يونائيٽيڊ 2024 ۾ شاداب خان جي ڪپتاني ۾ ٽائيٽل کٽيو، جنهن 55 ميچن ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪئي آهي. پي ايس ايل ۾ حصو وٺندڙ مٿين 3 ڪپتانن جي کٽڻ جو تناسب؛ شاداب خان (اسلام آباد يونائيٽيڊ) – 62.3 سيڪڙو، سرفراز احمد (ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز) – 58.1 سيڪڙو، بابر اعظم (پشاور زلمي) – 54.7 سيڪڙو ڪامياب رهيا آهن، ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 اپريل تي منعقد ٿيندي. ايونٽ جو افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ لاهور قلندرز جي وچ ۾ کيڏيو ويندو.