لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ذميواريون نڀائڻ کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ شاندار واپسي ڪئي آهي. تفصيل موجب نيشنل ديوٽي کان واپسيءَ کانپوءِ محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ ٽيم سسڪس کي ٻيهر جوائن ڪري ورتو ۽ پهرين ئي ميچ ۾ تيز رفتاريءَ سان 66 رنز جي اننگ کيڏي. محمد رضوان 32 بالن تي 66 رنز جي شاندار اننگ کيڏي جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 5 چوڪا به شامل هئا. واضح رهي ته محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ جي 4 اننگز ۾ 3 ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي.