لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر به 90 واري ڏهاڪي جي ڪرڪيٽر تي تنقيد ڪئي. اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف، محمد حفيظ، وقار يونس ۽ وسيم اڪرم کان پوءِ اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر به نائينٽيز ڪرڪيٽر کي نشانو بڻايو آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي محمد عامر وقار يونس جو نالو وٺڻ کانسواءِ ان تي تنقيد ڪندي چيو ته 90 جي ڏهاڪي جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سندس ڪيريئر کي تباهه ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ پرفارم ڪرڻ باوجود ٽيم تي سليڪشن ڪميٽي جو دٻاءُ برقرار رکڻ لاءِ کيس نيوزيلينڊ جي دوري لاءِ اسڪواڊ کان ٻاهر رکيو ويو. محمد عامر چيو ته توهان کي ياد آهي جنهن سال ڪراچي ڪنگ فائنل کٽيو هو؟ ملتان جي خلاف سپر اوور ٿيو، جتي اسان کٽيو ۽ پوءِ اسان کي نيوزيلينڊ جي دوري تي وڃڻو هو، جنهن لاءِ سليڪشن ڪميٽي 40 رانديگرن جي چونڊ ڪئي هئي، جنهن ۾ منهنجو نالو نه هو. اسڪواڊ جو اعلان پي ايس ايل جي پلي آف کان اڳ ڪيو ويو هو ۽ مان 40 رانديگرن ۾ شامل نه هو ڇاڪاڻ ته کين خبر هئي ته جيڪڏهن عامر پرفارم ڪيو ته کيس وٺڻو پوندو. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ڪوچنگ اسٽاف مان هڪ جو تعلق 90ع واري ڏهاڪي سان به هو، سڀ کانئس پڇي رهيا هئا ته اوهان عامر کي نيوزيلينڊ نه وٺي رهيا آهيو، هو 40 رڪني اسڪواڊ ۾ ناهي، پرفارم ڪري رهيو آهي! هن چيو، نه، نه، هو اسان جي منصوبي ۾ آهي. محمد عامر 90 واري ڏهاڪي جي رانديگر کي وڌيڪ نشانو بڻائيندي چيو ته منهنجي توهان سان مقابلي جي ڪا به خواهش ناهي، هر رانديگر جو پنهنجو دور هوندو آهي، هن پرفارم ڪيو ۽ نالو ٺاهيو پر جڏهن توهان ٽي وي تي ويهي اسان جو دور، اسان جو دور ورجايو ته ٻيا رانديگر ناراض ٿي سگهن ٿا.