محمد بخش، اڪرام ڌاريجو، مهتاب ڏهر، خالد لنڊ، امتياز شيخ جي سيڪيورٽي واپس

0
208
محمد بخش، اڪرام ڌاريجو، مهتاب ڏهر، خالد لنڊ، امتياز شيخ جي سيڪيورٽي واپس
محمد بخش، اڪرام ڌاريجو، مهتاب ڏهر، خالد لنڊ، امتياز شيخ جي سيڪيورٽي واپس

ايس ايس پي گهوٽڪي اڳوڻن چونڊيل نمائندن ۽ سياسي ماڻهن کي مليل سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي، ايس ايس پي منير کهڙو سياسي اڳواڻن کي سيڪيورٽي لاءِ ڏنل 38 اهلڪارن کي واپس گهرائي ورتو

نوٽيفڪيشن موجب اڳوڻي ايم اين اي سردار محمد بخش مهر کي مليل 12 پوليس اهلڪار واپس گهرايا ويا

اڳوڻي ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي مليل 6 پوليس اهلڪار واپس گهرايا ويا آهن

ڄام مهتاب ڏهر، خالد احمد لنڊ، بابر لنڊ، امتياز شيخ ۽ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز علي چانگ کي مليل پوليس اهلڪار به واپس گهرايا ويا

پيپلزپارٽي پنجاب سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ايم پي اي ممتاز چانگ کي گهوٽڪي پوليس جا 7 اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ ڏنا ويا هئا