ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو محمد آصف ايشين 6 ريڊ سنوڪر چيمپيئن شپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو. پري ڪوارٽر فائنل ۾ محمد آصف ڪمبوڊيا جي ڪوئسٽ کي شڪست ڏني، جڏهن ته پاڪستان جي محمد سجاد ۽ اويس منير پري ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست کاڌي.سري لنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ ايشين 6 ريڊ سنوڪر چيمپيئن شپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جي محمد آصف ڪمبوڊيا جي نيننگ ٽولا خلاف شاندار راند پيش ڪئي.آصف کي پهرين فريم ۾ 16-27 تان شڪست ملي پر پوءِ آصف ڪوارٽر فائنل ۾ پهچڻ لاءِ لڳاتار پنج فريم کٽيا.محمد آصف جا کٽڻ وارا اسڪور 25-48، 32-35، 9-52، 35-43 ۽ 10-40 هئا.چيمپئن شپ ۾ آخري اميد پاڪستان جي محمد آصف سان آهي، جيڪو ڪوارٽر فائنل ۾ ملائيشيا جي ڪوئسٽ سان مقابلو ڪندو.